ڀڳت گهنشام

ڀڳت گهنشام

ڀڳت گهنشام گهنشو ڀڳت

ڀڳت گهنشام/گهنشو ڀڳت: ڀڳت گهنشام، جنھن کي گهنشو ڀڳت جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. 8 آگسٽ 1935ع تي باگڙجي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس والد ويڙهارام به مشھور ڀڳت هو. سندس ڪيتريون ئي ڀڳتي ڪيسيٽون جاري ٿيل آهن. ڀڳت ڪنور رام جا ڪلام، ان جي ئي آواز ۾ ڪاميابي سان ڳائڻ ڪري کيس گهڻي مقبوليت ملي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهيو. کيس هند جي سنڌي پئنچائتن پاران ڪيترائي اوارڊ ۽ سونا ٻلا مڃتا طور مليا. هُو خود به شاعر هو. هن ڀڳت جي نج سنڌي ثقافت کي بچائڻ لاءِ سڄي هندستان جو دورو ڪري سنڌي ڀڳت جي رنگ ۽ ثقافت کي عام ڪيو. 28 جون 1985ع تي الھاس نگر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.08.08  عيسوي

ڀڳت گهنشام 8 آگسٽ 1935ع ڌاري ڀاگوري ضلعي سکر ۾ جنم ورتو


1985.06.28  عيسوي

گهنشام ڀڳت 28 جون 1985ع ۾ الهاس ننگر ۾ ديهانت ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان مري حاجي
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه
سيد عبدالڪريم رضوي حڪيم
چانڊيو مير محمد خان
حنا اگناڻي
امير بهادر ثاني
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
در محمد اوستو
جگجيت سنگهه
جتوئي وحيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون